سليم سرهندي

سليم سرهندي

سليم سرهندي

سليم سرهندي: محمد سليم فاروقي مجددي ڳوٺ ٽنڊي سائينداد ضلعي حيدرآباد ۾ 1327هه/ 1909ع ڌاري ڄائو. هيءُ پنجن سالن جو هو ته سندس والد وفات ڪري ويو، ان کان پوءِ پنهنجي ناني، مشهور بزرگ محمد حسن جي تربيت هيٺ رهيو. سليم سرهنديءَ جو تعلق جيئن ته سرهندي پيرن جي گهراڻي سان آهي ۽ هن خاندان جو انگريزن جي زماني ۾ سرڪار سان ڪنهن به قسم جو لاڳاپو نه هو ۽ سندن خاندان ۾ انگريزي پڙهڻ کي چڱو نه سمجهيو ويندو هو. تنهنڪري هن ابتدائي طور فارسي ۽ عربيءَ جي تعليم حاصل ڪئي. اعليٰ تعليم لاءِ اجمير شريف جي نامور عالم مولانا معين الدين وٽ رهيو، جتان پنجن سالن ۾ درس نظاميءَ جي تڪميل ڪيائين. هن کي ننڍي هوندي کان ئي شعر و شاعريءَ سان رغبت هئي، ان جي بدولت سترهن ورهين جي ڄمار ۾ شاعري ڪرڻ شروع ڪيائين، شعر جي اصلاح پنهنجي مامي عبدالستار جان سرهنديءَ کان ورتائين. سندن خاندان ۾ فارسي زبان جو واهپو تمام گهڻو هو، ايتري قدر جو سندن وچ ۾ لکپڙهه به فارسيءَ ۾ ڪئي ويندي هئي، ان ڪري سندس ٻوليءَ تي به فارسي جو اثر نمايان نظر اچي ٿو. هيءُ 1934ع ۾ طب جي تعليم حاصل ڪرڻ جي خيال سان ٻيهر اجمير شريف ويو ۽ حڪيم نظام الدين کان حڪمت سکيو ۽ طبابت ڪيائين.
اجمير شريف ۾ رهڻ دوران هن ڪيترن ئي ڪتابن جو مطالعو ڪيو ۽ موزون شعر چوندو رهيو، سندس ڪلام ان وقت جي اخبارن جهڙوڪ: ’معين‘ (اجمير)، ’همايون‘ (لاهور‘، ’رياض‘ (ڪراچي) وغيره ۾ شايع ٿيندو رهيو.
هن ماتليءَ ۾ پنهنجو طب خانو کوليو ۽ حڪمت جي ڌنڌي ۾ مشغولي سبب ڪلام چوڻ گهٽائي ڇڏيائين. هن جي ڪلام ۾ خاص طور قطعا، رباعيون، غزل وغيره ضرب المثل آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو